ساهي پٽجي

ساهي پٽجي

ساهي پٽجي

ساهي پٽجي (ڪتاب): هي ڪتاب هند جي برک شاعر ۽ غزل جي وڏي شاعر ارجن حاسد جي غزلن جو مجموعو آهي، جنهن تي ڊاڪٽر پريم پرڪاش ۽ واسديو موهيءَ جا ٻه دلچسپ مهاڳ لکيل آهن. پريم پرڪاش جو عنوان آهي ’گونگو ڳڙ ڳائي‘ ۽ واسديو موهيءَ جو عنوان آهي ’ساهي پٽجي ڇو ...؟‘. واسديو موهي لکي ٿو ته حاسد جي هن مجموعي جو عنوان ’ساهي پٽجي‘ مون کي اعتراض جوڳو لڳو آهي. عمر جي پنڌ ۾ ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن مقام تي ائين لڳي ته گهڻو ٿيو، هاڻي ويهي رهجي، پر هڪ تخليقي فنڪار اهڙو راهي ٿي نه ٿو سگهي. فنڪار قائم نوان پٿر (mile stones) سر ڪرڻ جي فڪر ۾ هوندو آهي، هو ٿڪبو ڪونه آهي. جنهن ڏينهن ٿڪو، تنهن ڏينهن هن جي تخليق، ذهني طور مري ويندي، جسماني طور ڀلي اُها زندهه رهي.“ . . . . آخر ۾ لکي ٿو ته، ”اِن ڪري، مان چوان ٿو ته حاسد جي هن مجموعي جو عنوان اعتراض جوڳو آهي، ان جي پٺيان پنهنجي ليکـي ئي ’ڇو . . . . ‘ جوڙي ٿو ڇڏيان.“
160 صفحن جي هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب ۾ ارجن حاسد جا 148 غزل شامل آهن. هي ڪتاب ٺارو سي. گرناڻيءَ، احمدآباد مان، مارچ 2006ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي، جنهن جي قيمت 80 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو